ايس ايم لا ڪاليج

ايس ايم لا ڪاليج

ايس ايم لا ڪاليج

ايس. ايم. لا ڪاليج: قيام پاڪستان کان ڪجهه ڏينهن اڳ، پير الاهي بخش جي اصرار تي، حسن علي عبدالرحمان طرفان، ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ويو. پيرصاحب، ان زماني ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جو چيئرمئن هو. حسن علي عبدالرحمان جي جذبي ۽ جدوجهد جي ڪري هي ڪاليج جلد ئي ترقي ڪري، ملڪ جي ممتاز تعليمي ادارن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. ايس. ايم لا ڪاليج جي لائبرري، ملڪ جي اها مشهور لائبرري آهي، جنهن ۾ قانون بابت سڀ کان وڌيڪ ڪتاب آهن.
قانون جي هن اعليٰ پايي جي تعليمي اداري، ايس. ايم. لا ڪاليج ۾، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، اي. ڪي. بروهي، جسٽس انعام الله، جسٽس فاروقي ۽ خالد اسحاق جهڙين شخصيتن تعليم پرائي.


لفظ ايس ايم لا ڪاليجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو